شرح رساله قوشجي قلمي نسخو

شرح رساله قوشجي (قلمي نسخو): هن فارسي شرح جو مصنف مولانا مصلح الدين آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عطاءَالدين علي محمد القريشيءَ جي علم الهيئت تي لکيل ڪتاب ‘رساله قوشجي’ جي شرح تي مشتمل آهي. هيءَ شرح 979هه/1571ع کان اڳ جي لکيل آهي. ‘مقدمي’ ۾ ڏنل ابتدائي لفظن مان ڪنهن اندازو لڳائيندي ان نسخي تي ‘همايون نامه’ غلط نالو لکي ڇڏيو آهي. نسخي جي هر صفحي ۾19 سٽون آهن، جيڪي خط نستعليق ۾ ڪتابت ٿيل آهن. ڪاتب جو نالو ۽ ڪتابت جو سن ڄاڻايل نه آهي. ڪتاب جي آخري صفحي تي سيد علي گوهر جي نالي جي مهر لڳل آهي.
هي قلمي نسخو 77 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي قلمي نسخن ۾ محفوظ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو